پيارو منگي

پيارو منگي: حر تحريڪ جو اهم ڪردار پيارو خان ولد عبدالحڪيم منگي، پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ چيچڙي ۾، 1920ع ڌاري ڄائو. پيارو خان منگي حر تحريڪ جو اهم ڪردار، متنازع شخصيت، حر تحريڪ جو ڪمانڊنگ آفيسر ۽ ڪنجي بردار هو. ننڍي عمر ۾ ئي پير صاحب سورهيه بادشاهه جي ملازمت ۾ آيو. پير صاحب جڏهن 1935ع ۾ تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ڀيلارن ۾ آيو ته پيارو منگي اتي ساڻس مليو. انتهائي ذهين ۽ حسين هو ۽ آهستي آهستي پير صاحب جي خاص ۽ معتمد ملازمن ۽ ماڻهن ۾ شامل ٿيو ۽ سدائين پير سائينءَ سان گڏ رهيو. سنڌ کان ٻاهر به پير صاحب سان ويندو رهيو، ان ڪري سندس وڏي شناسائي هئي. پير صاحب مٿس ايترو مهربان هو، جو کيس پني عاقل ۽ سکر ۾ ڪافي جائداد وٺي ڏنائين. پياري منگيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته پير صاحب جو چوڻ هو ته هن کي پوليس يا گورنمينٽ کان بچائيندا رهو، ڇو ته هي نازڪ مزاج ۽ نفيس آهي، چون ٿا ته جڏهن پيارو منگي گرفتار ٿيو ته ڪافي راز ٻڌايائين ۽ پوءِ سندس باري ۾ ڪافي ڳالهيون گردش ۾ رهيون آهن، قائداعظم محمد علي جناح جڏهن سکر ۾ پير صاحب جي ڪيس جي سلسلي ۾ ايندو هو ته پيارو منگي سندس خدمت ۾ رهندو هو ۽ قائداعظم کي پير صاحب طرفان قانوني فيس به ادا ڪندو هو. پير سائينءَ جي شهادت بعد هو درگاهه تي نه ويندو هو، ٻين فقيرن سان گڏ دين محمد خان جوڻيجو سندس خاص خيال ڪندو هو.
پيارو خان، پير صاحب جي شهادت کان پوءِ 1952ع تائين نظربند رهيو. هو چوندو هو ته سورهيه بادشاهه کيس وصيت ڪئي هئي ته ڪنهن وٽ به ملازمت نه ڪجان. پير صاحب کيس پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ سومرا پنهواريءَ ۾ 30 جريب زمين وٺي ڏني هئي ۽ درگاهه پاران کيس وڏي عرصي تائين وظيفو به ملندو هو. پياري منگيءَ جو لباس شاهاڻو هوندو هو، ملتاني لونگي، ڪوٽ، شلوار، قميص، سونن بٽڻن سان پائيندو هو. ڪيترن ماڻهن کي نوازيائين. پير صاحب جي شهادت کان پوءِ ڪٿي به نه ملازمت ڪيائين ۽ نه ڌنڌو ڌاڙي ڪيائين، 50 سال ويهي کاڌائين. پياري منگي 1993ع ۾ وفات ڪئي، کيس وصيت مطابق قلندر شاهه جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ پيارو منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو